اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي بي 45 ڪوئيٽا جي 15 پولنگ اسٽيشنز ۾ ووٽن جي تڪرار تي سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پيپلز پارٽيءَ صوبائي اسيمبلي ميمبر مير علي مدد جتڪ جي اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ تحت اليڪشن ٽربيونل کي سول ڪورٽ جا اختيار حاصل آهن ۽ هو چونڊ عزرداري جي شڪايتن تي قانوني شهادتن شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنيڪل بنيادن تي حقيقتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. رڪارڊ مان ثابت ٿيو ته پولنگ اسٽِشن جي عملي چونڊن جي نتيجي ۾ ردوبدل ڪيو. درخواستگذار مير علي مدد جتڪ جي ووٽن ۾ 4 هزار 912 جو اضافو فارم 45 جي ذريعي ڪيو ويو. جڏهن ته مخالف اميدوار مير محمد عثمان جا ووٽ 1623 ئي رهيا. 15 پولنگ اسٽيشن جي فارم 45 ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي. ۽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو درست قرار ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي برقرار رکندي مير علي جتڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.