حيدرآباد(بيورو رپورٽ) فاران شگرملز شيخ ڀرڪيو مان جبري طور نوڪري مان برطرف ڪيل محرم خاصخيلي ملازمت تي بحالي لاءِ پنهنجي گهر ڀاتين سميت پريس ڪلب حيدرآباد آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي، هن ٻڌايو ته هو ٽن سالن کان فاران شگرملز ۾ ملازمت ڪري رهيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ملز جي انتظاميا کيس آفيس ۾ گهرائي کانئس ملازمت ڪارڊ ۽ نوڪري جا ٻيا ڪاغذ ڦر ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. کانئس زبردستي سفيد پني تي صحيح به وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انڪار تي کيس دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيئي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. نوڪري مان برطرفي سبب هو ۽ سندس خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهي. هن اپيل ڪئي ته کيس نوڪري تي بحال ڪيو وڃي.