احمد آباد(اسپورٽس نيوز) هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ هندستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اڄوڪي فائنل کان اڳ پڄاڻي واري تقريب لاءِ پرفارمرز جي فهرست جو اعلان ڪري ڇڏيو، نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊول ميچ کان اڳ ميگا ايونٽ جي آفيشل براڊ ڪاسٽر هڪ ٽويٽ ۾ پهرين اشارو ڪيو هو ته بالي ووڊ اداڪاره دعا ليپا الوداعي تقريب ۾ پرفارم ڪري سگهي ٿي پر هندستاني بورڊ ان جو نالو هٽائي ڇڏيو. تقريب کي چئن مختلف ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين تقريب ۾ هندستاني هوائي فوج جي سوريا ڪرن ۽ ايروبيٽڪ ٽيم ايئر شو ڪندي جنهن کانپوءِ ٽاس ٿيندي. پهرين اننگ جي وقفي ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو انڊيا جي وائرل گاني جي آدتيه گدهوي جي پرفارمنس ٿيندي، اننگز جي وقفي ۾ هڪ ڊگهو پروگرام ٿيندو، جنهن ۾ موسيقار پريتم چڪرورتي، گلوڪار جونيتا گانڌي، نقاش عزيز، اميت مشرا، آڪاسا سنگهه ۽ تشار جوشي پرفارم ڪندا. جڏهن ته ٻي اننگز جي وقفي ۾ اسٽيڊيم ۾ ليزر ۽ لائٽ شو منعقد ڪيو ويندو.