دبئي (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ ٿيل حملي واري ڪيس ۾ شامل عورت ماهين فيصل جو موقف سامهون اچي ويو، پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ منهنجي مٿان هتڪ عزت جو ڪيس غلط داخل ٿيو آهي، جنهن ڏينهن واقعو پيش آيو آئون لنڊن ۾ نه هيس،  ڏيڍ سال اڳ شادي ڪري دبئي منتقل ٿي چڪي آهيان، هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس تي ٿيل حملي سان ڪو به تعلق ناهي، پاڪستان ۾ منهنجي پري جي مائٽن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي، انهن جي در منهنجي نالي جا نوٽيس هنيا ويا آهن، آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿي، آئون ڪڏهن نه چاهيندس ته منهنجي ملڪ جي بدنامي ٿئي، اپيل ٿي ڪريان ته منهنجي خلاف ڪيس ختم ڪيو وڃي.