ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق حمد چيو آهي ته اسلام ۾ غير مسلمن سان واپار ڪرڻ جي منع ( روڪ) ناهي، ملٽي نيشل ڪمپنيون ئي وڌيڪ ٽيڪس ڏينديون آهن، ڪراچي بزنس فورم پاران ڪوٺايل تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جذبات ۾ هميشه حڪمت کي غالب رکڻ گھرجي،  حڪيماڻو انداز هجڻ گھرجي، هن چيو ته جذبات وقت اهو خيال رکڻ گھرجي ته مُلڪ ۽ رياست کي نقصان نه ٿئي، هن وڌيڪ چيو ته حج جي ڀاڙن ۾ گھٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.