مٽياري (رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ چيو آھي ته سنڌو درياء سنڌي جي جياپي جو سھارو آھي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿي ويندو ھي وقت آھي جو سنڌ جي ٻچي ٻچي کي سندرو ٻڌي ٻاھر نڪرڻو پوندو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب مٽياري ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو ايس ٽي پي اڳواڻ جو چوڻ ھو ته چولستان ڪئنال ذريعي چولستان جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو آھي جنھن سان سنڌ جي 48 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿيندي ان کان سواء ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سان اڳي ئي سمنڊ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي ڪئنال ٺھڻ سان ٺٽي ۽ بدين جي وجود کي به خطرو ٿي سگھي ٿو ھن جو چوڻ ھو ته سنڌو سنڌين جي جياپي جو سھارو آھي سنڌو تي ڌاڙي سان سنڌ جا 6 ڪروڙ انسان بدترين ڏڪار جي ور چڙھي ويندو سرسبز سنڌ بنجر بڻجي ويندي ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ جو چوڻ ھو ته ان آصف علي زرداري کي سنڌ جو ازلي دشمن ٿا سمجھون سنڌ جي خلاف جڏھن به ڪا سازش ٿي آ ته ان جا پيرا آصف علي زرداري ڏي ويا آھن ھن ڀيري به چولستان ڪئنال جي منصوبي جي منظوري ايوان صدر ڏئي چڪو آھي باقي ھاڻي پيپلزپارٽي کي طبلا وڄائڻ جي ضرورت ناھي ايس ٽي پي اڳواڻ جو چوڻ ھو ته سنڌ دشمن منصوبي خلاف ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي سربراھي ۾ اسان سمورا سنڌي ميدان عمل تي آھيون جڏھن به ڪو سنڌ دشمن منصوبو ايندو آھي ته ايس ٽي پي سڀني کان اڳي سنڌ جي دفاع لاء نڪري ٿي ھينئر به ٻٻرلوءِ ڌڙڻي کان پوء 9 نومبر تي ھٽڙي بائي پاس تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي پنجاب جي رستاروڪ ڪري اھو پيغام ڏيندا ته اوھان اسان جو پاڻي بند ڪندئو ته اسان اوھان جي خوراڪ بند ڪنداسين ان موقعي تي ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو . جام ساگر ابڙو . ڌوڙيو جنڊاوڙو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا