غير قانوني ڪينال، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جو اعتراض

0
28
غير قانوني ڪينال، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جو اعتراض

اگر ڪو بہ ترقياتي منصوبو ڪنھن قانوني طريقي سان شروع ٿيندو آھي تہ ان منصوبي تي ماڻھن جا اعتراض گھٽ نظر ايندا آھن مگر جڏھن ڪنھن پروجيڪٽ جي شروعات ئي غير قانوني طريقي سان ٿئي تہ خدشا وڌي ويندا آھن، جيئن ڪينالن جي پروجيڪٽ جي شروعات صدر پاڪستان جي اجازت سان ٿي. ان لاءِ ماڻھن جا خدشا وڌي ويا ڇو تہ صدر پاڪستان وٽ اھا قانوني اٿارٽي ئي ناھي، جنھن جي ھو ڪنھن بہ پروجيڪٽ جي اجازت ڏيئي سگھي. صوبن جي وچ ۾ تڪراري معاملن جي منظوري تہ سي سي آئي کان ئي وٺڻي پوندي آھي ۽ ان لاءِ سي سي آئي جو اجلاس ھر 90 ڏينهن بعد ٿيڻو آھي. 14 مهينن کان سي سي آئي ڪو اجلاس ئي نہ ٿيو ۽ منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويو. سنڌ حڪومت سي سي آئي جي اجلاس لاءِ خط لکي چڪي آھي مگر وفاق ٻڌڻ لاءِ ئي تيار ناھي. ايتري قدر جيڪو پاڻي جو سرٽيفڪيٽ ارسا کان ورتو ويو آھي، اھو پڻ غير قانوني آھي، جيڪو انھن ڇھن مھينن جو ورتو ويو آھي، جنھن دوران ملڪ ۾ فلڊ واري صورتحال ھئي. طاقتور ڌرين پاڪستان پيپلزپارٽي کي اھڙو ڦاسايو آھي جو ھاڻي جيستائين وفاق سان پنھنجو چٽو موقف نٿا رکن، پيپلزپارٽي وارا سنڌ ۾ پنھنجي ڳوٺن ۾ اچڻ جھڙا نہ رھندا. ھن ملڪ ۾ اقتدار تہ ملي ئي طاقتورن ڌرين جي اجازت سان ٿو، انڪري پيپلزپارٽي سمجھي ٿي اگر طاقتور ڌرين سان جھيڙو ٿي پيو تہ پوءِ بلاول جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب اڌورو رھجي ويندو. ھن وقت پيپلزپارٽي جي اندر ويٺل ماڻھو پنھنجو چٽو موقف نٿا ڏيئي سگھن. وزير تہ تمام محتاط آھن مگر جيڪي ماڻھو پيپلزپارٽي جا اڳواڻ جذبات ۾ بيان ڏين ٿا انھن کي وري وضاحت ڏيڻي پئجي ويندي آهي. انجي باوجود نبيل گبول سندس پارٽي کي مشورو ڏنو آھي تہ اوھان ھڪڙي طرف اجازت پيا ڏيو ته ٻئي پاسي مخالفت پيا ڪريو ۽ اوھان کي ھڪڙي پاسي بيھڻ گھرجي. تازو جڏھن پيپلزپارٽي جو صدر نثار احمد کھڙو حيدرآباد ۾ مولا بخش چانڊيي سان گڏ پريس ڪانفرس ڪئي تت چانڊيي صاحب ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جي موقف ۾ واضح فرق لڳو ۽ انھن ھڪ ٻئي جي موقف تي اعتراض پڻ واريا، مگر ھي صورتحال تہ ھن وقت آھي جڏھن اڃان ڪينال ٺھيا نہ آھن ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آھي، مگر انھيءَ ننڍڙي پريس ڪانفرنس مان اھا ڳالھ سمجھي سگھجي ٿي تہ پيپلزپارٽي جي وڏيرن ۾ وڏا اختلاف پئدا ٿيندا.

سنڌ جي ماڻھن خاص ڪري سنڌ جي پروفيشنلز ۽ سياسي ڪارڪنن کي جس ھجي جن ڪينالن کي سياسي ۽ ٽيڪنيڪلي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ انھن جي موقف کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي آھي ۽ ھن وقت سنڌ جي انجنئيرن سان ڊيٽا جي بنياد تي پنجاب مان ڪير بہ مقابلو نٿو ڪري سگھي ۽ سنڌ جي نوجوانن جھڙي طريقي اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر پرويز ھودڀائي جي اداري دي بليڪ ھول ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو آھي، انجي جيتري تعريف ڪجي گھٽ آھي. سنڌ جي نوجوان سنڌ جي تاريخ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت جو اسلام آباد سان تعلقات جي حوالي سان دنيا کي ٻڌايو تہ پيپلزپارٽي کي رڳو سنڌ نہ سمجھيو وڃي، سنڌ ھڪ تاريخي وطن آهي. اسان اگر شھيد ڀٽو جي حڪومت ڏسون ٿا تہ 1973 جي آئين کان پھرين ملڪ جي وسيلن يا اين ايف سي جي ورھاست آبادي جي بنياد تي نہ ٿيندي ھئي مگر ڀٽو صاحب  1973  جي آئين ۾ آبادي جي بنياد تي ڪري پنجاب جو سنڌ جي وسيلن تي حق رکيو ۽ ان کانسواءِ فلڊ ڪينال ٺھرايا ويا جن کي ھاڻي سال ئي وھايو پيو وڃي. مگر ان جي باوجود ڀٽو صاحب کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي ڏني وئي، مگر پي پي وارن کي ڳالھ سمجھ نہ آئي. شھيد بي بي ملڪ ۾ ترقي ڪرائي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني مگر ان کي پڻ شھيد ڪيو ويو. ٿيڻ تہ ائين کپندو ھو ٻن ليڊرن جي شھادت کانپوءِ پيپلزپارٽي کي وفاق سان ڪو نئون معاھدو ڪرڻ گھرجي ھا مگر ھنن ساڳي پگھار تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بي بي شھيد کانپوءِ جڏھن پي پي کي حڪومت ملي آصف علي زرداري 18 ترميم ضرور پاس ڪرائي مگر اڄ ان تي عمل ئي نہ ٿي رھيو آھي مگر پي پي وارا خاموش آھن. ڪجھ ڏينھن اڳ اختر مينگل ھڪ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو تہ 18 ترميم کان پوءِ صوبن جا وسيلا صوبن جي ملڪيت آھن مگر انجي باوجود بلوچستان جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي جيڪا 18 آئيني ترميم جي توھين آهي، پيپلزپارٽي جي بلوچستان ۾ حڪومت آهي، مگر خاموش آهي.

ھن وقت مڊل ڪلاس نوجوان جھڙي طريقي سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياسي معاملن ۾ دلچسپي وٺي رھيو آھي، مون کي لڳي ٿو ڪجھ سالن کانپوءِ بلوچستان کان پوءِ سنڌ جون سياسي واڳون سنڌ جي نوجوانن وٽ ھونديون ۽ ھو وفاق جي مسلسل ناانصافي واري پاليسي کي قبول نہ ڪندا. پيپلزپارٽي جنھن جي حيثيت رڳو سنڌ جي ووٽن جي ڪري آھي اگر پيپلزپارٽي سنڌ جي ووٽ ڏيندڙن سان گڏ نہ بيٺي تہ سنڌ جي سياسي وايو منڊل ئي تبديل ٿي سگھي ٿو ۽ ھن وقت پيپلزپارٽي جي مخالفن پنھنجون حڪمت عمليون ٺاھڻ شروع ڪري ڏنيون آھن، انھي ڳالھ جو فيصلو تہ وقت ڪندو سنڌ جي سياسي صورتحال ڪھڙي ٿي بيھي مگر ان ڳالھ جو يقين آھي تہ سنڌ جا ماڻھو دريا تي ڪنھن بہ قسم جو سرچاءُ نہ ڪندا ۽ غير قانوني ڪينالن خلاف پنھنجي جھدوجھد جاري رکندا.