ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري کاتي 16کان 19هين گريڊ جي 6 ڪامورن کي غيرقانوني ترقيون ماڻڻ جي الزام هيٺ هٽائي واپس ساڳين عهدن تي اماڻي ڇڏيو، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين ڪي ايم سي ۾ مقرر 19هين گريڊ جي سيد علي رضا کي 16هين گريڊ ۾ اسٽينو گرافر، ڊي ايم سي ويسٽ جي ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ مقرر ٿيل 18هين گريڊ جي احمد رمضاني، لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ مقرر 18هين گريڊ جي ڪاموري نصرت عمران ۽ 18هين گريڊ جي محمد ايوب کي 11هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ڊي ايم سي ملير جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جاويد پرويز کي 15هين گريڊ ۾ اسٽينو گرافر ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 16هين گريڊجي ملازم زاهد علي کي 11هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ واري عهدي تي واپس آندو ويو آهي.