ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ ۽ عدالت ۾ رپورٽون جمع نه ڪرائيندڙ آفيسرن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرائڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي هڪ سرڪيولر ذريعي سمورن ضلعن جي ڊائريڪٽرن ۽ لاڳاپيل ڊيموليشن آفيسرن کي خبردار ڪيو آھي ته جيڪو آفيسر غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ھوندو يا عدالت ۾رپورٽ جمع نه ڪرائيندو، انهي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا، هوڏانهن اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ليگل) موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڊيموليشن ٽيم لياقت آباد سميت لاڳاپيل ضلعن ۾ غير قانوني اڏاوتون ڊاھڻ ۾ ناڪام رھي، ويتر انهن ڪا به رپورٽ جمع نه ڪرائي، جنھن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، واضح رهي ته ٻه ڏينھن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي اسحاق کھڙي کي طلبي غير قانوني اڏاوتن بابت جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ھو، کيس رپورٽون جمع نه ڪرائيندڙ ۽ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث بلڊرز ۽ ايس بي سي اي آفيسرن خلاف ايف آءِ آرز ڪاٽڻ جو حڪم ڏنو ھو.