مورو (ن پ ا) ليجنڊ صوفي فنڪار سوڍل فقير لغاري جي لاءِ ثقافت کاتي 50 ھزار جو چيڪ جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سڌير ميرالي سندس ساٿين ۽ ٽائيم نيوز مورو رپورٽر وحيد رزاق مستوئي جون ڪوششون، ناليواري ليجنڊ صوفي فنڪار فقير سوڍل لغاري جي لاءِ سنڌ حڪومت ثقافت کاتي 50000 رپين جو چيڪ جاري ڪري ڇڏيو، صوفي فنڪار سوڍل فقير لغاري جي قسم پرسي ۽ بي وسيءَ واري ٽائيم نيوز تي رپورٽ ھلائڻ ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران مسلسل ڪوششون ڪرڻ کانپوءِ ثقافت کاتي پاران اھڙو چيڪ جاري ڪيو ويو آھي. اھڙو چيڪ جاري ٿيڻ کانپوءِ سوڍل فقير لغاري چيو آھي ته آئون شڪر گذار آھيان ثقافت کاتي جو جن سار لڌي آھي ۽ خاص طور تي ٽائيم نيوز ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي دوستن جن منھنجي مدد لاءِ ڪوششون ورتيون آھن.