غير ذميوار روين جو ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

0
19
غير ذميوار روين جو ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

 جڏهن کان شعوري سمجھ آئي آهي تڏهن کان هڪ ئي ڳالھ ٻڌندا پيا اچون ته سياستدانن ملڪ کي ڦري لٽي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، وري ڪي سياسي چاپلوسي جا ماهر ته اهو به چوندا رهن ٿا ته ملڪ کي اسٽيبلشمينٽ اڏهي جيان اندران ئي اندران کائيندي پئي وڃي. هر سياسي تجزيي نگار يا عام فرد الڳ الڳ سوچ ۽ خيال جو مالڪ هجي ٿو ۽ انهن کي اهو حق حاصل آهي ته پنهنجي سوچ ۽ سمجھ تحت راءِ جو اظهار ڪري سگهن ٿا. باقي پاڻ هتي هڪ ڳالھ اها ضرور چوڻ مناسب سمجهون ٿا ته اچو پنهنجو پاڻ هڪ جائزو وٺون ته اسان توڙي ٻيا عام ماڻهو پنهنجون ذميواريون ڪيئن ۽ ڪيتري قدر نڀائي رهيا آهيون؟!

                 ڏسجي ٿو ته هڪ فروٽ وڪڻندڙ فرد کي نه اسٽيبلشمينٽ مجبور ڪري ٿي ۽ نه وري ڪو سياستدان ته هُو فروٽ مهانگو وڪڻڻ سان گڏ ڳريل ۽ ڪيڙن لڳل داڳيل اسم به اٽڪل سان ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏي. سبزي وڪڻندڙ فرد کي به ڪو سياسي يا عسڪري ڪارندو مجبور نٿو ڪري ته سبزي مهانگي وڪڻڻ سان گڏ تور ماپ ۾ به بي ايماني ڪري. کير، ڏهي وڪڻندڙ کي سياسي يا انتظامي طور تي ڪير به مجبور نٿو ڪري ته هُو پاڻي جي ملاوٽ ڪرڻ واري ڪڌائي کان به اڳتي وڌندي شيطان کي به لڄائي انساني حياتين لاءِ نقصانڪار ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪري. دوائون تيار ڪندڙ دواساز ڪمپنين کي ڪير به مجبور نٿو ڪري ته نقلي ۽ بي اثر يا ابتو انساني زندگين کي نقصان ڏيندڙ دوائون تيار ڪري مارڪيٽ ۾ موڪلين. پيٽرول پمپ انتظاميا کي ڪوئي ٻيو هرگز مجبور نٿو ڪري ته ماپو گهٽ رکن، پيٽروليم مصنوعات ۾ ملاوٽ ڪن.

ڪنهن به ننڍي، وڏي يا ڪچي پڪي شاهراه يا روڊ، رستي تي موٽر سائيڪل هلائيندڙ ڪنهن به فرد کي سرڪاري سطح تي ڪير به مجبور نٿو ڪري ته اهي پيادو پنڌ هلندڙن کي ستائين، انهن جي حياتين لاءِ خطرو ٿي گهمن. ڪنهن به ڪار، جيپ، ڪوچ، ويگن، بس، ٽرڪ يا ڪنهن به فور ويل گاڏي واري کي سرڪاري سطح تي ڪير به نٿو چوي ته اهي عام مسافرن لاءِ معذوري يا موت جي علامت  بڻجي ڊرائيونگ ڪن، انساني حياتين کي چيٿاڙي وڃن.

حقيقت کي جيڪڏهن قبول ڪجي ته اسان پاڻ ۽ سڀئي عام ماڻهو سماج ۾ پيدا ٿيل هر هڪ خرابي جا زميوار آهيون، هر سرڪاري دفتر ۾ نانگ ٿي ويٺل آفيسر، ڪلارڪ يا پٽيوالي کي ڪنهن به ريت ڀرتي ڪرڻ وقت ليٽر ۾ اهو شرط لکي ڪونه ڏنو ويندو آهي ته اهي دفتر ۾ دير سان پهچندا، نماز جي وقفي بهاني دفتر خالي ڪري سگريٽ نوشي ۾ مصروف رهندا، رشوت بنا ڪنهن به مسڪين جي فائيل کي کولي ڏسڻ يا اڳتي وڌائڻ کان معذور رهندا. روينيو، ايف بي آر، بجلي يا سوئي گيس جي ادارن ۾ ڏسو ته  رشوت بنا ڪوبه جائز ڪم ٿيڻ مشڪل بڻيل آهي، جڏهن ته رشوت عيوض ناجائز نموني پلاٽن جي داخلا، زمينن جي رجسٽري، گيس ڪنيڪشن، بجلي چوري جا ڪنڊا عام جام لڳل نظر اچن ٿا، بجلي چوري ڪندڙن جو سمورو بار ميٽر رکندڙن مٿان وڌو وڃي ٿو.

مڃجي ٿو ته هنن سمورين خرابين تي سرڪاري قانون لاڳو ڪندڙ توڙي وس وارن ادارن جي خاموشي ڏوهن ۾ مجرماڻي شموليت ئي ليکجي ٿي، پر اها به حقيقت آهي ته هنن عام ماڻهن ئي سياستدانن جون عادتون به بگاڙي ڇڏيون آهن، هي ماڻهو انهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا جيڪي سندن ڏوهن تي پردو رکي ويهن.