ڪراچي (شوبز نيوز) سينيئر اداڪارا مديحه افتخار چيو آهي ته جيڪڏهن کيس، هيڏانهن هوڏانهن جا ڪم ڪرڻا هجن يا وري غير ازدواجي لاڳاپا قائم ڪرڻا هجن ها ته هوءَ شادي نه ڪري ها، هن سوچي سمجهي شادي ڪئي. مديحه افتخار ويجهر ۾ هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾هن شادي ۽ لاڳاپن تي تفصيلي ويچار ونڊيا آهن، اداڪارا چيو ته شادي کان اڳ جوڙن لاءِ هڪٻئي کي بهتر انداز ۾ ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي ۽ هن به ائين ئي ڪيو،مديحه افتخار ٻڌايو ته شادي کانپوءِ هن ڪجهه وقت لاءِ سوچيو هو ته شايد کيس مڙس جو اعتبار ۽ دل کٽڻ لاءِ شوبز انڊسٽري ڇڏڻي پوي ۽ هن ائين ئي ڪيو، هن ٻڌايو ته رڳو ٻن سالن جي اندر ئي هو ۽ سندس مڙس هڪٻئي کي سمجهي چڪا هئا، ٻنهي جو هڪٻئي تي انڌو اعتبار قائم ٿي چڪو هو، اداڪارا موجب، سندس مڙس کي يقين آهي ته سندس زال ڪو به غلط ڪم نه ڪندي ۽ کيس به پاڻ تي اعتماد آهي هوءَ ڪجهه غلط ٿيڻ نه ڏيندي،مديحه چيو ته شادي شده جوڙن ۾ اختلاف ۽ جهيڙا عام ڳالهه آهي ۽ سندن وچ ۾ به جهيڙا ٿيندا رهندا آهن پر هن جهيڙن جي وچ ۾ ڪڏهن به ٽئين شخص کي مداخلت جي اجازت ناهي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته زندگيءَ ۾ ساٿيءَ جو هجڻ انتهائي ضروري آهي، ساٿ کي ختم نه ڪرڻ گهرجي پر ڪيئي عورتون هڪ طلاق کانپوءِ شرم ۽ ڊپ وچان ٻي شادي ناهن ڪنديون، ائين نه ڪرڻ گهرجي، کين ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ بنا فيصلا ڪرڻ گهرجن.