ٽنڊو الهيار( رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي منصور ڪالوني ۾ ٻئي ماڻهو سان گڏ گهمڻ تي شراب جي نشي ۾ ڌت جوابدار نينگر مٿان پستول جا فائر ڪري قتل ۽ ٻئي همراهه کي زخمي ڪري پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي گذريل رات دير سان منصور ڪالوني جي هڪ گهر ۾ پهنجي دوست راجو لاکير ۽ ساڻس گڏ ويٺل 17 ورهين جي عدنان شاھه مٿان عمران اوڏ پستول جا فائر ڪري ٻنهي کي سخت زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو۔ پوليس ٻنهي زخمين کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهنچايو جٿان کين حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو حيدرآباد اسپتال پهچڻ کان اڳ زخمن جا سور نه سهندي نوجوان عدنان شاھ فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي زخمي جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. بعد ۾ جوابدار عمران اوڏ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي ان ڏس ۾ منصور ڪالوني جي رهواسين ٻڌايو ته نوجوان عدنان شاھ راجو لاکير سان دوستي رکڻ ۽ هن سان گڏ گهمڻ تي اڳ به منهن ماري ٿي چڪي هئي. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عمران اوڏ نالي فائرنگ ڪري عدنان شاھه کي قتل ۽ راجو لاکير کي زخمي ڪيو آهي مقتول نوجوان جي پي جي فرياد تي ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته عمران اوڏ منهنجي پٽ کي دوستي رکڻ لاءِ زور ڀريندو هو ۽ دوستي نه رکڻ تي کيس قتل ڪيو آهي.