اسلام آباد (بيورو رپورٽ) غيرملڪي بينڪ اڪائونٽس لڪائڻ ۽ لٽيل رقم جي واپسي ڪيس ۾ آئيني بينچ ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر کان غير ملڪي ڳجهي بينڪ اڪائونٽس تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت لٽيل رقم جي واپسي تي به لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪيس ۾ ايف آءِ اي، ايف بي آر سميت سمورين ايجنسين کي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ٿيا. وڪيل ايف بي آر جواب ڏنو ته هي معاملو ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جو آهي. ايجنسين جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ڪيس ختم ڪرڻو آهي ته رپورٽ ڏئي ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر کان غير ملڪي ڳجهي بينڪ اڪائونٽس تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت لٽيل رقم جي واپسي تي به لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. آئيني بينچ جي التو جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ عدالت ملتوي ڪري ڇڏي.