اسلام آباد(بيورو رپورٽ) غيرملڪي مبصرين کي عام چونڊن ۾ دعوت ڏيڻ جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پرڏيهي کاتي کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 238 تحت بين الاقوامي مبصرين کي عام چونڊن ۾ دعوت ڏيڻ چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي شفافيت جي لاءِ بين الاقوامي مبصرين جي شرڪت تي يقين رکي ٿي، پرڏيهي کاتو غير ملڪي مبصرين جي تنظيم جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري. غير ملڪي مبصرين جي شرڪت متعلق سيڪريتري اليڪشن ڪميشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي.