اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ چيو آهي ته پاڪستان راندين کي سياست جي ور چاڙهڻ تي يقين نه ٿو رکي، اميد آهي ته چمپيئنز ٽرافي ۾ سمورا ملڪ شرڪت ڪندا، هفتيوار بريفنگ دوران هن وڌيڪ چيو ته ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي شهرين جي پاڪستاني سياسي احتجاجن ۾ شرڪت مڪمل طور غيرقانوني آهي، سمورن پرڏيهي شهرين کي چونداسين ته پاڪستان جي سياسي معاملن کان پري رهن، هن چيو ته پاڪستان لبنان  ۾ جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جي به مذمت ڪري ٿو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.