اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪائونٽر ٽيررازم ڪاميٽي ۽ هارڊن دي اسٽيٽ ڪاميٽي جو ٽيون اجلاس ٿيو، غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، نادرا ايگزٽ پوائنٽن تي لائيو ڊيٽا جي تصديق جي سهولت فراهم ڪندو. محسن نقوي چيو ته سڀني ادارن کي گڏجي ون ڊاڪيومينٽ رجيم کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻو پوندو. ملڪ مان غير قانوني سرگرمين جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پينو فقيرن جي مافيا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهي آهي، انهن خلاف سختيءَ سان قدم کنيا ويندا. پينوفقير کي ناقابل ضمانت ڏوھه قرار ڏيڻ ضروري آهي. توانائي وزارت جي عملدارن بريفنگ دوران ٻڌايو ته گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان 142 ارب رپين جي وصولي ممڪن ٿي آهي. روزاني بنياد تي 250 کان وڌيڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءَ تي ڊجيٽل انفورسمنٽ اسٽيشنز قائم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن تي نگراني لاءِ انٽيليجنس ٽرانسپورٽ سسٽم تي به ڪم جاري آهي.