ڪراچي(م ڊ) غيرقانوني پرڏيهين ۽ افغان ڪارڊ هولڊرز جي پاڪستان ڇڏڻ جي مهلت ۾ باقي 9 ڏينهن رهجي ويا آهن. سنڌ ۾ انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن. پهرين اپريل کان غيرقانوني پرڏيهين کي بيدخل ڪيو ويندو. افغانين کي 31مارچ تائين رضاڪاراڻي نموني واپسي جي مهلت ڏني وئي آهي. سڄي سنڌ ۾ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون فعال ڪيون ويون آهن. ڪياماڙي ۽ جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ هولڊنگ پوائنٽون جوڙيون ويون آهن. جتي مڪاني ادارن ۽ صحت کاتي جو عملو موجود هوندو. سزائون پوريون ڪندڙ افغنانين کي به هولڊنگ پوائنٽ آندو ويندو.