اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي سياسي اثررسوخ ۽ رشوت ذريعي ڪوڙا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ملڪيتون ٺاهيندڙ پرڏيهين خلاف به ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ غير قانوني رهندڙ غير ملڪين جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. غيرقانوني رهندڙ غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ پلان کي حتمي صورت ڏئي ڇڏي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ غير ملڪن جي نيڪالي لاءِ عارضي ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، گرفتاري بعد اتي منتقل ٿيندا، جتان کان ملڪ بدر ڪيو ويندو، صوبائي حڪومتون غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ خرچ برداشت ڪري رهيون آهن. گهرو وزير چيو ته ملڪ مان بيدخل ڪيل شهرين جي في خاندان کي وڌ کان وڌ 50 هزار روڪ رقم پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي. افغانستان ويندڙ ڊالر جي صورت ۾ ڪرنسي نٿا کڻي وڃي سگهن.