ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيز ڪرڻ تي مختلف ضلعن جي مختيارڪارن کان ٻيهر رڪارڊ گھريو ويو آهي، رڪارڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو چتاءُ ڪيو ويو آهي.ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل موجب لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي 14 مختيار ڪارن کان رپورٽ گھري ورتي آهي. لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي پاران ملير، ڪورنگي، اولهه، اوڀر، ڪياماڙي ۽ ٻين ضلعن جي مختيار ڪارن کان الاٽمينٽس جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن سنڌ مختيارڪارن کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ڄاڻايل علائقن جي مختيار ڪارن کان رڪارڊ  گهريو ويو هو پر انهن مان ڪنهن به رڪارڊ فراهم نه ڪيو. مختيار ڪارن تي الزام آهي ته انهن پابندي باوجود پنهنجن علائقن ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ڪئي. الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائزيشن جا تفصيل 28 آگسٽ تي گھريا ويا هئا. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پابندي باوجود قيمتي زمينن جي تقسيم قومي مفادن جي ڀڃڪڙي آهي. تفصيل نه ڏيندڙ مختيارڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.