اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ رهندڙ غيرقانوني افغانين سوڌو پرڏيهين کي نيڪالي لاءِ ڏنل مهلت اڄ ختم ٿي ويندي، پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان ڊي سي خيبر شاهد رائو چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ڏنل مهلت اڄ ختم ٿي رهي آهي، سڀاڻي کان ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو، لنڊي ڪوتل گلاب گرائونڊ ۾ عارضي ڪيمپون لڳايون آهن، جتان قانوني ڪارروائي بعد کين طورخم رستي افغانستان ڊي پورٽ ڪيو ويندو.