غيرفطري اتحادين جو اقتداري الائنس

0
27
غيرفطري اتحادين جو اقتداري الائنس

 قديم يونان وٽ علم ھو. آرٽ ھو. فن ھو. فلسفو ھو ۽ اليگزينڊر جھڙو جڳ جو فاتح جرنيل ھوندي به اھو سياسي ڪلچر نه ھو، جيڪو يوناني تھذيب جي زوال کان پوءِ روم ۾ ائين اڀريو، جيئن سج جي سمھي پوڻ کانپوءِ چنڊ ۽ جئين چنڊ جي الھي وڃڻ بعد سج اڀرندو آھي. جيتوڻيڪ اولھ جي بت تراشن ۽ فنِ تعمير جي اھم ڪردارن يونان کان پوءِ اٽليءَ جو رخ ڪيو ھو پر پوءِ به ارسطو، افلاطون ۽ سقراط جي سلسلي کان وٺي زينو ۽ پيٿاگورس اسڪول آف ٿاٽ جا سرچشما ان شھر طرف منتقل ٿي نه سگھيا، جنھن جي لاءِ چيو ويندو ھو ته، “روم ھڪ ڏينھن ۾ جڙي راس نه ٿيو آھي”. اھو روم جنھن لاءِ اھي ٻول به ٻوليا ويندا ھئا ته، “جيڪڏھن اوھان روم ۾ رھو ٿا ته اھو ڪجھ ڪريو، جيڪو روم واسي ڪن ٿا”. اھو به روم ئي ھو، جنھن جو بي فڪر ۽ بيحس حڪمران ان وقت به پنھنجي بانسري وڄائي رھيو ھو، جنھن وقت سالن جي محنت ۽ مشقت سان جڙي راس ٿيل روم سڙي رک ٿي رھيو ھو. پر اھو روم نيروءَ جو روم نه ھو. اھو روم انتوني، بروٽس ۽ سيزر جو ھو، جنھن لاءِ قلوپطره کي بي ترس حسن جي علامت جي صورت عطا ڪري اسان جي البيلي شاعر امداد حسينيءَ لکيو ھو:

“روم شھر ۾

روم شھر ۾

تو وٽ اھڙي ڪھڙي شيءَ ھئي؟

جنھن کي تون انمول چوين ھا؟

ڪھڙو سيزر جو چولو ھو؟

جنھن کي رنگ رتول چوين ھا

ڪھڙو قلوپطره جو سينو؟

آڇين ھا احسان ڪري ھا؟

تنھنجي سڀني شوڪيسن ۾

ھو ته بروٽس جو خنجر ھو

پوءِ به تنھنجي ھٽ تي ھجوم

ماڻھو ماڻھو ڄڻ سيزر ھو!!”

مون کي معلوم ناھي ته يونان ۽ روم جي عظيم تھذيبن جي زوال جو اصل سبب ڪھڙو ھو؟ پر مون کي اھا پڪي پروڙ آھي ته تاريخ جو ڊگھو سفر ڪرڻ بعد اڄ به سموري سياسي دنيا جو ھر ملڪ ھڪ اھڙي روم جي مٺ ۾ رھي ٿو، جنھن طرف بقول ھڪ مشهور قول ته، ‘All Roads lead to Rome’ يعني سموريون واٽون روم جي طرف وڃن ٿيون.

منھنجي لاءِ ان سوال جو جواب ڏيڻ به سولو ناھي ته اسان جي ملڪ جو روم اسلام آباد آھي يا راولپنڊي؟ ممڪن آھي ته گھڻن ماڻھن جو خيال اسلام آباد جي حوالي ھجي پر اھا به حقيقت آھي ته اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ان پنڊيءَ مان ملندي آھي، جيڪا اھو فيصلو به ڪري سگھندي آھي ته ڪير اقتدار جي نظر ايندڙ ايوانن ۾ ڪيترو وقت قيام ڪري سگھي ٿو؟ ھن وقت جيڪي نگران حڪمران اکين ۾ حسرتون ڀري شھر اقتدار جي نرم گرم ڇھاوَ کي آخري مرحلن جيان محسوس ڪري رھيا آھن، انھن کي اڳ ۾ ته اھو آسرو به ھو ته کين ڪجھ وڌيڪ وقت ترسايو ويندو پر جڏھن آمريڪا آءِ ايم ايف جي ٻوليءَ ۾ ھدايتون جاري ڪيون ته اھو مرحلو به ڪراس ڪرڻو پيو، جنھن جي خواريءَ جي گونج ھن مھل عالمي ميڊيا ۾ پوري زور شور سان ٻڌي، ڏسي ۽ پڙھي سگھجي ٿي.

شھيد زيڊ اي ڀٽو جو ويجھو ساٿي ۽ ھڪ خاص دور جو ناقابل فراموش ڪردار ڊاڪٽر مبشر حسن چوندو ھو ته، “ملڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي به ھڪ خاص حد ھوندي آھي”. اھو سچ آھي ته جنھن وقت آمر ايوب جي دور ۾ قائد اعظم جي سياسي ساٿي ۽ ھن جي سڀ کان پياري ڀيڻ ڊاڪٽر فاطمه جناح کي شرمناڪ طرح سان ھارايو ويو ھو، تڏھن ملڪ اندر جمھوري جدوجھد جي ھٿ ۾ ٽيڪنالاجي ان طرح سان نه ھئي، جنھن طرح سان ھاڻي آھي. اسان کي ھن مرحلي تي اھو به فراموش نه ڪرڻ گھرجي ته دنيا کي عظيم انقلابن جو علم ڏيندڙ مفڪر ڪارل مارڪس لکيو ويو آھي ته، “نه صرف ملڪن جي سياست پر دنيا جو معاشي سرشتو به ٽيڪنالاجيءَ جو سڌي طرح سان محتاج آھي”. اھوئي سبب آھي ته ھن دور ۾ ڪوشش جي باوجود به آڊيو وڊيو ليڪس ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پيون آھن ۽ اھا به حقيقت آھي ته جنھن دور ۾ سياسي اميدوارن کي حلقي جي ووٽرن جي ھٿن ۾ جھليل موبائل فونن کان ايترو ئي خوف محسوس ٿئي ٿو، جيترو ڪنھن دور ۾ ھو رياست جي بندوقن کان محسوس ڪندا ھئا. ھن ڀيري چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جون دانھون ھر ڀيري کان ڪجھ وڌيڪ آھن ۽ اھا الڳ ڳالھ آھي ته ھن ڀيري ماڻھن وٽ نه صرف ڌانڌلين جا ثبوت آھن پر انھن وٽ اھي ثبوت پيش ڪرڻ جا مفت وارا وسيلا به موجود آھن.

ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جي گلوبل گوگل نيٽ ورڪ ۾ جڏھن ڪا به تلاش ٿئي ٿي، تڏھن ان جو موجود جواب ڇنڊجي ڇاڻجي اچي ٿو ۽ جيڪڏھن اھو جواب ان مھل موجود ناھي، تڏھن به ان جي ضرورت ان ماڳ تي پنھنجي مطالبي جو ڪو نه ڪو بنياد ضرور رکي وڃي ٿي. ميڊيا جي ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ جھڙي طرح تحقيقي ۽ تخليقي ميڊيا کي متاثر ڪيو آھي، تھڙي طرح ھن سستي ۽ ھر وقت ۽ ھر ھنڌ موجود تازين خبرن جو جيڪو انبار موجود ڪيو آھي، ان ۾ رياست جي سياست سبب جيڪي به ڌانڌليون ٿين ٿيون، انھن کي لڪائڻ ناممڪن حد تائين مشڪل بڻجي ويو آھي. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته عالمي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ٿيل چونڊن جو نتيجو اھو نه نڪري ھا جو اقتداري گيم ھڪ ڀيرو ٻيھر انھن جي ھٿن مان نڪري وئي آھي، جن پنھنجي مخصوص اسيڪم سان ھر پارٽيءَ جي پليٽ ۾ حيثيت جي حساب سان ٻوٽيون وجھڻ جو فيصلو ڪيو ھو. پر ڪنھن ٿي ڄاتو ته عتاب ۾ آيل پارٽيءَ جي قيدي قيادت جا اميدوار ايتري گھڻي سختيءَ کان پوءِ به نه صرف ڪامياب ٿيندا پر انھن جو انگ انھن پارٽين کان گھڻو وڌيڪ ھوندو، جن جي واپسي وڏي مان شان سان ڪرائي وئي ۽ عام تاثر اھو ڏنو ويو ته ڪنھن جي مٿي تي چوٿون ڀيرو اقتداري تاج سجائڻ جا پويان مرحلا عبور ٿي رھيا آھن. ھن ڀيري ھلندڙ رنگ ۾ ڀنگ ڪنھن وڌي؟ آخر ڪٿي ڪجھ ته غلط ٿيو جو راتو رات عتابن ۽ عذابن کان آجا ڪيل ليڊر پنھنجي نين پارٽين سميت اھڙي ريت ھارائي ويا آھن، جو انھن کي پنھنجي ھڪ سيٽ تان سوڀ به حاصل ٿي نه سگھي. جيڪڏھن اسان ڪجھ دير جي لاءِ سياست جو اھو سازشي نظريو تسليم به ڪري وٺون ته ھن ملڪ ۾ سياسي پَن به پنڊيءَ کان پڇڻ سواءِ پنھنجي چرپر ۾ آزاد نه ھوندو آھي ته ڇا انھن نه چاھيو ھوندو ته پرويز خٽڪ ۽ جھانگير ترين جھڙا اکين ٻوٽ ۽ امير گھٽ ۾ گھٽ ٻه چار سيٽن سان انھن اسيمبلين ۾ رونق افروز ٿي سگھن، جن ۾ ھن مھل تمام گھڻا پوڙھن گھوڙن وانگر سھڪي رھيا آھن.

عملي طور تي پابنديءَ ھيٺ آيل پارٽيءَ جا ميمبر تمام گھڻي دٻڙڌؤنس کان پوءِ به سوڀ حاصل ڪري ويا ۽ ھن وقت ملڪي توڙي بين الاقوامي ميڊيا ۾ آزاد ميمبرن جي مرضيءَ کان سواءِ وجود ۾ ايندڙ حڪومت ھلڻ محال ھجڻ جا ھوڪا به عام آھن. سوال اھو آھي ته ڇا ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار پنھنجي ضمير مطابق آزاد رھڻ ڏنا ويندا يا انھن مٿان خوف يا لالچ جا حملا ڪري انھن جا وعدا ۽ انھن جون وفاداريون تبديل ڪيون وينديون؟ ھن وقت عام طور تي گھڻا امڪان اھي پڌرا ڪيا پيا وڃن ته آزاد اميدوار جلد اقتداري سنگھرن ۾ سوگھا ڪيا ويندا پر سوال صرف ميمبرن جو ناھي ۽ نه وري انھن جي ڪمزور ضمير جو آھي. اصل سوال انھن ووٽرن جو آھي، جن اھڙين حالتن ۾ به تحريڪ انصاف جي زوريءَ آزاد بڻايل اميدوارن کي بنا ڪارنر ميٽنگن ۽ بنا چونڊ مھم ھلائڻ پاڻ پنھنجي سر تلاش ڪري ووٽ ڏنا. جيڪڏھن اھڙي صورتحال ۾ ھو پنھنجيون وفاداريون تبديل ڪندا ته انھن جي پنھنجي حلقي ۾ ته ڇا، پنھنجي گھر ۾ ڪيتري عزت رھندي؟ جڏھن ته اسٽيبلشمينٽ جي آسرن تي لڳي پرويز خٽڪ ۽ جھانگير ترين سخت پريشان آھن.

پاڪستان جي پارلياماني پسمنظر تي سرسري نظر به وجھبي ته اسان جي آڏو اھا حقيقت عيان ٿي ويندي ته اسٽيبلشمينٽ اليڪشن ۾ سدائين ورھايل مئنڊيٽ جي چاھت رکي آھي ته جيئن گڏيل گورنمينٽ ٺاھي حڪمرانن کي پنھنجي اشاري تي ھلائي سگھجي. ملڪ ۾ اڄ به اھڙا حلقا عام جام آھن، جيڪي “قومي حڪومت” جي تصور تان قربان قربان ٿيندا نظر ايندا آھن. ھن ڀيري نه صرف مخلوط حڪومت سان محبت ڪرڻ واري اسٽيبلشمينٽ پر قومي حڪومت ٺھڻ جي خواھش رکڻ وارا سياسي يتيم به انھن نتيجن تي نھايت خوش آھن، جن جي لاءِ عام طور تي اھو چيو پيو وڃي ته، “سمورا رستا مخلوط حڪومت طرف ويندا نظر اچن ٿا”، جڏھن ته ھن مھل تائين پي ٽي آءَ جا حمايت يافتا آزاد اميدوار نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي حڪومت ٺاھڻ جي سلسلي ۾ تيار نظر نه ٿا اچن. اھو ممڪن آھي ته پي ٽي آءِ جي باني قائد ۽ پارٽي جي اھم اڳواڻن جي مٿان آيل سختيءَ کي نرم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنھن قسم جي سوديبازي ٿئي پر جيڪڏھن اھا ٿي به ته ان جي عمر ايتري نه ھوندي جو اھڙي سيٽ اپ مان پنج سال پورا ڪري سگھڻ جي اميد رکي سگھجي.

ھلندڙ مھيني جي اٺين تاريخ تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪي پارٽيون پريشان ھيون، اھي ھن مھل ڪافي حد تائين خوش نظر اچي رھيون آھن ۽ جنھن پارٽيءَ جي قائد جو مٿو چوٿون ڀيرو تاج پائڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رھيو ھو، ان کي ھن مھل شديد چڪر آيل آھي. ڇو ته چونڊن جا نتيجا اھڙا به نه آھن، جو ‘ن’ ليگ پنھنجن ويجھن اتحادين سان ملي سادي اڪثريت واري اھڙي حڪومت ٺاھي سگھي، جيڪا پيپلز پارٽيءَ جا مشڪل مطالبا مڃڻ کان وقتي انڪار ڪري سگھي. ھن مھل ته ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي حمايت يافتا آزاد اميدوارن کي به پاڻ سان ملائڻ جي لاءِ ملڪي تاريخ جو عظيم اقتداري اتحاد قبول ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي رھيو آھي. ھن مھل ملڪ جون اھي پنج ست سياسي ڌريون جيڪي مخالفن سان ملڻ غيرفطري قرار ڏينديون ھيون، اڄ اھي اقتدار جي ٽيبل تي انھن سان ويھڻ ۾ ڪو عار محسوس ڪرڻ بدران اھڙي فخر جو اظھار ڪري رھيون آھن، ڄڻ ته اھي اقتدار وٺڻ بدران ملڪي مفاد ۾ اقتدار تان ھٿ کڻڻ جي قرباني ڏينديون ھجن. جنھن سياست جو محور اقتدار ھجي، ان سياست ۾ اختلاف رکڻ جي گنجائش ھونءَ ئي گھٽ ھوندي آھي. ھن وقت واري صورتحال ۾ ته ان جي تر جيتري گنجائش نظر نه ٿي اچي.