ڪراچي: غيراخلاقي وڊيوز وائرل ٿيڻ تي حريم شاهه جو موقف سامهون اچي ويو آهي
Hareem Shah's statement after her video got released #HareemShah #hareemshahleakedvideo #Hareem_shah #HareemShah_LeakedVideos pic.twitter.com/pYYfJlA0lo
— Sasta Roaster (@TalhaXhykHh) March 1, 2023
مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه الزام لڳايو آهي ته هُن جون ليڪ ٿيل غيراخلاقي وڊيوز ويجهي دوست صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز موبائل چوري ڪري ليڪ ڪيون، گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون ڪجهه غيراخلاقي وڊيوز منظرعام تي آيون هيون، جيڪي وائر ٿي ويون آهن
جڏهن ته هاڻ مراڪش ۾ رهندڙ هريم شاهه جاري وڊيو پيغام ۽ مختلف ويب سائيٽس سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي وڊيوز اصلي آهن ۽ منهنجون ئي آهن پر اهي وڊيوز صندل خٽڪ ۽ عائشه ناز وائرل ڪيون آهن
هريم شاهه ٻڌايو ته هي وڊيوز ڪجهه سال اڳ پاڻ پنهنجي موبائيل ۾ ٺاهيون هيون، ان ۾ هڪ ڪراچي ۾ موجود گهر ۾ ٺاهيون ويون ۽ ٻيون اسلام آباد ۾ ٺاهيون ويون
ڇو ته ان وقت صندل ۽ عائشه مون سان گڏ رهنديون هيون ۽ منهنجي موبائيل چوري ڪري وڊيوز محفوظ ڪري ورتيون هيون، حريم شاهه موجب وڊيوز وائرل ٿيڻ کان اڳ ئي هُن کي صندل ۽ عائشه ناز جي طرفان ڌمڪيون ملي چڪيون هيون ته اهي وڊيوز وائرل ڪري ڇڏينديون سين
حريم شاهه ٻڌايو ته صندل ۽ عائشه جي ڌمڪين بعد مون اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو هو پر منهنجي شڪايت تي مون کي چيو ويو ته جيستائين مواد منظر عام تي نٿو اچي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي
هن چيو ته صندل ۽ عائشه وڊيوز منهنجي شادي شده خوشحال زندگي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ليڪ ڪيون، هو ساڙ ۾ ايتريون اڳتي وڃي چڪيون آهن جو هنن ذاتي وڊيوز موبائيل مان چوري ڪري ليڪ ڪري ڇڏيون
هي به پڙهندا
شيخ رشيد سان معاملا طئي ٿي ويا، هاڻ ڪي به اختلاف ناهن، ڪڏهن به مني لانڊرنگ ناهي ڪئي: حريم شاهه
ڌمڪيون ملي رھيون آھن! ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي