غوثپور (ن پ ا) ٽي ھفتا اڳ غوثپور ڀرسان انڙ واھ واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل  ڪشمورواسي ٽرڪ ڊرائيور عبدالوحيد کوسو ۽ ڪلينر خليل احمد کوسو کي ڪشمور پوليس پاران دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي پوليس موجب ڌاڙيل مغوين کي ھڪ ھڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته ڳجھي اطلاع پوڻ تي ڪاروائي ڪري ڌاڙيلن سان مبينا مقابلي بعد ٻنھي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جڏھن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي، ٻئي طرف مغوين جي بازيابي جي اطلاع تي سندن گھرن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي ويئي آھي.