غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو دراني مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄو خان ڀيو واري علائقي ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن جي تڪرار تان ھلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ دوران ڳوٺ مريد ڀيو جو رھواسي واٽھڙو رحمت الله ھوٿاڻي ڀيو قتل ٿي ويو، محمد اسحاق ۽ عبدالمجيد ڀيو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته پيرسن شهر مان خريداري ڪري واپس ڳوٺ طرف اچي رھيو ھو ته فائرنگ ۾ مارجي ويو،