غوثپور(ن پ ا) غوثپور ۾ ڊاڪٽر سندر لال بالاڻي کان ڀتو گهرڻ واري عمل خلاف شھر جي سول سوسائٽي طرفان جمالدين اوڳاھي، باغي غلام عباس بجاراڻي، نارائڻ ناز، ظفر ڀيو، شير زمان بجاراڻي، برڪت ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شھر ۾ ڀتي مافيا سرگرم آھي، ڪچي جا ڌاڙيل شھر جي ڪاروباري ماڻھن کي ڀتي جون پرچيون گھرن ۽ دڪانن تي پھچائي وڃن ٿا، ماڻھن کي موت مار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.