غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو ھٿياربندنجوڳوٺ پير بخش ميراڻي تي حملو ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، ھٿياربندن پاران ڳوٺ ٻاھران قائم پوليس پڪٽ مٿان بيھي فائرنگ ڪئي وئي، اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ويڊيو ۾ ھٿياربند ماڻھن کي ڏسي سگھجي ٿو جيڪي پوليس پڪٽ تي بيھي فائرنگ ڪندي نظر اچي رھيا آھن. قائم پوليس پڪٽ تي اھلڪار موجود نه ھجڻ ڪري ھٿياربندن پوليس پڪٽ کي مورچو بڻائي ڇڏيو.ٻئي طرف غوثپور پوليس جو چوڻ هو ته  ميراڻي ۽ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آھي، اوڳاھي برادري جو ڪجھه مھينا اڳ ھڪ ھمراھ مارجي چڪو آھي جنھن جي پلاند تان اوڳاھي برادري جي ڌر پاران ميراڻي برادري جي ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو.