غوثپور (ن پ ا) غوثپور ۾ امدادي رقم مان ڪٽوتي، مستحق عورتن جو احتجاج، غوثپور ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر تي امدادي رقم مان ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عورتن عورتن مسمات حاڪم خاتون مور زادي خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سينٽر ۾ ويٺل ايجنٽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب زبردستي غير قانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، ڪٽوتي واري رقم نه ڏيڻ تي ايجنٽ مافيا وظيفي واري رقم ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رقم ڏياري وڃي.