غوثپور (ن پ ا) غوثپور مان 4 ڏينهن اڳ گم ٿيل شهر واسي ٻئي نوجوان شاھد شيخ جي به اغوا جي تصديق ٿي وئي آھي، ڪالهه ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي فون ڪال ڪري 15 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو، ڌاڙيل مغوي جي وارثن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 5 ڏينھن ۾ 15 لک نه مليا ته نوجوان جو لاش ملندو، فون تي مغوي وارثن کي منٿون ڪندي چيو ته ڌاڙيل تشدد ڪن ٿا، پئسا ڏئي منھنجي جان ڇڏايو، مغوي نوجوان جي والد ڌاڙيلن کي منٿون ڪندي چيو ته مڇي ماري پنج سئو ڏھاڙي ڪمائي گھر جو چلھو مشڪل سان ھلايان ٿو، 15 لک ڪٿان آڻيان، خدارا منھنجي ٻچڙي کي آزاد ڪريو، واضح رهي ته ان کان گم ٿيل نوجوان نديم ملڪ جي پڻ اغوا جي تصديق ٿي هئي.