غوثپور پوليس هٿان قتل ٿيل ٻن نوجوانن جو جرڳو، اهلڪارن تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ

0
64
غوثپور پوليس هٿان قتل ٿيل ٻن نوجوانن جو جرڳو، اهلڪارن تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ
غوثپور پوليس هٿان قتل ٿيل ٻن نوجوانن جو جرڳو، اهلڪارن تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ

شڪارپور/ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (وحيد بروهي /عمران کوسو/ ظفر ڀيو) ھڪ سال اڳ غوثپور پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن پورھيتن مير خان شيخ ۽ اسد شيخ جي خون جو جرڳو شڪارپور ۾ مقبول شيخ جي سر پئنچي ۾ ٿيو، الزام ھيٺ آيل اهلڪار تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ  وڌو ويو ، ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾  ادا ڪئي ويندي، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، اڳوڻي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي، وڏي منشي  عبدالله چنو، فياض جکراڻي سميت ٻين ملوث اھلڪارن کي معطل ڪيو ويو ھو

واضع رهي  ته ھڪ سال اڳ اڳوڻي ايس ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي ۽ٻين شيخ برادري جي ٻن پورهيتن کي موبائل چوري الزام ۾ گرفتار ڪري وارثن کان 3 لک رشوت گهري نه ڏيڻ تي ٻنهي پورهيتن کي دڙي سندراڻي ڀر سان انڊس هاءِ وي تي ڳوليون هڻي کين   بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد مقابلو ڄاڻايو ويو هو

مقتولن جي وارثن جي فرياد تي اڳوڻي ايس ايچ او احمد نواز جکراڻي، وڏي منشي عبدالله چنو، بخت علي سومرو، فياض جکراڻي سميت ٻين مٿان عدالت جي حڪم تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.جرڳي ۾ ڏيڍ ڪروڙ 3 حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو جنهن ۾ 50 لک ايس ايڇ او ۽ 50-50 لک وڏو منشي ۽ سندس اهلڪار ڀري ڏيندا.

اڳوڻي ايس ايس پي عرفان سمون جي دور ۾واقعو پيش آيو هو

ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي عرفان سمون جي دور ۾ ان وقت جي غوثپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي ۽ ٻين پاران مبينا مقابلي ۾ اسد شيخ ۽ مير شيخ کي ماريو هو ۽ وارثن پاران اهڙو ڪيس مقامي عدالتن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ڪيو هو ۽ عدالت ۾ اهڙو مقابلو ڪوڙو جڙتو ثابت ٿيو هو

جرڳي ۾ رڳو ايس ايچ او شامل ٿيو، ٻيا اهلڪار نه آيا: ذريعا

ڪنڌڪوٽ: ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي ته مقبول احمد شيخ جي سرپئنچي هيٺ ٿيندڙ جرڳي ۾ صرف ايس ايڇ او ئي شريڪ ٿيو الزام هيٺ آيل ٻيا اهلڪار جرڳي ۾ نه آيا ۽ مبينا مقابلي ۾ نوجوانن کي مارڻ جي الزام هيٺ آيل ان وقت غوثپور ٿاڻي جي وڏي منشي عبدالله چنو جرڳي جي اطلاع باوجود نه ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته وڏي منشي موجب ته هو ان معاملي ۾ ملوث ئي ناهي ته هو جرڳي ۾ ڇو وڃي.