غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس 3 مھينا اڳ گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل رحيم يار خان واسي محمد بشير کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هلندڙ آپريشن دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس پاران مغوي جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، جنھن بعد گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي.