غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ محمد حيات اوڳاھي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 25 ورهين جو ظھير اوڳاهي قتل ٿي ويو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، وقفي وقفي سان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار جي پلاند تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.