غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجھو جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورحسن باجڪاڻي ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻن کان چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان شھباز ملڪ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدار 10 کان وڌيڪ ڍور ڪاهي فرار ٿي ويا، پوليس پهچي زخمي نوجوان کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.