غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو تيغاڻي ھائوس ڳڙھي تيغو ۾ تيغو تيغاڻي جي سرپئنچي ھيٺ ڪيو ويو، جرڳي ۾ ڌرين جا بيان ٻڌا ويا، جنھن ۾ سبزوئي برادري جي گلڻ سبزوئي۽ راڄو سبزوئي وارين ڌرين تي يعقوب تيغاڻي واري ڌر جا 2 خون ثابت ٿيڻ تي گلڻ ۽ راڄو سبزوئي ڌرين مٿان الڳ الڳ عيوضن جي صورت ۾ 2 ڪروڙ 16 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،يعقوب تيغاڻي واري ڌر تي سبزوئين جو ھڪ قتل ثابت ٿيڻ تي مٿن خرچ سميت ٽي ونجاھ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، مجموعي طور تي ٻنھي ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 69 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آھي.