غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو دراني مھر ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ انور جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو آھي، جديد ھٿيارن سان فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ سرور جاگيراڻي مارجي ويو آھي واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، اطلاع باوجود حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ ناھي پھچي سگھي ڌرين جي فائرنگ جي ڏي وٺ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي، ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا آهن، واضح رھي جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين جيئند جاگيراڻي ۽ مراد علي جاگيراڻي وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ آھي، هيل تائين ٻنھي ڌرين جا مقتول سرور جاگيراڻي سميت 18 ڄڻا مارجي چڪا ۽ ڪيترائي ماڻھو زخمي پڻ ٿيا آهن، علائقائي ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول سرور جاگيراڻي پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ گھران نڪتو ته اوچتو مراد علي جاگيراڻي جي ڌر پلاند تان حملو ڪري کيس گولين جو کاڄ بڻايو، آخري اطلاعن تائين مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو هو، نه ئي ڪيس داخل ٿيو.