غوثپور(ن پ ا) غوثپور ۾ سيد ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جو جرڳو ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ايم پي اي عابد سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ويو، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد سيد ڌر مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي ساڍا 25 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر طرفان ٽي لک رپيا موقعي تي سومرا ڌر کي ادا ڪيا ويا، جھول جھلڻ تي سومرا ڌر 3 لک معاف ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته 2 ھفتا اڳ ناري ناھيد سومرو ۽ مصدق سومرو اسلام آباد جي عدالت ۾ پسند شادي ڪئي هئي، ناري پارس سومرو ۽ سيد حسن شاھ به ڪنڌڪوٽ جي مدرسي ۾ نڪاح ڪيو هو. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد ناري پارس سومرو کي واپس ڪرايو ويو. نوجوان حسن شاهه تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ مقررڪيو ويو.