غوثپور (ن پ ا) غوثپور شھر مان گذريل ڏينھن مبينا گم ڄاڻايل ٻن نوجوانن نديم ملڪ ۽ شاھد شيخ مان ھڪ ڄڻي نديم ملڪ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آھي، ڌاڙيلن مغوي نوجوان جي وارثن کي فون ڪري 12 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي، ٽائيم نيوز پاران ھٿ ڪيل اهڙي آڊيو رڪارڊنگ ۾ ڌاڙيل مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن کان 12 لک روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن ۽ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مغوي جا وارث ڌاڙيلن کي منٿون ڪندي چون ٿا ته نوجوان اسڪول ۾ ست ھزارن تي ملازمت ڪندو آهي ايترا پئسا هو ڪٿان آڻيندو، رابطو ڪرڻ تي مغوي جي وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان گذريل ڏينھن شھر جي جامع مسجد پاڙي مان اغوا ٿي ويو ھو، ڌاڙيلن 12 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، ھنن ٻڌايو اھڙو اطلاع غوثپور ٿاڻي تي ڏنو آهي، هنن نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.