غوثپور مان گم ٿيل هڪ وڌيڪ نوجوان جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، ڌاڙيلن نوجوان شاهد شيخ جي وارثن کان 15 لک روپيا ڀنگ گهري ورتو
وارثن موجب ڌاڙيلن ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته 5 ڏينهن اندر رقم نه ملي ته نوجوان جو لاش ملندي
نوجوان شاهد شيخ 4 ڏينهن اڳ گهران سبزي وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ڏانهن وڃڻ بعد گم ٿي ويو هو
گذريل ڏينهن غوثپور مان نجي اسڪول جي نوجوان پٽيوالي نديم ملڪ جي اغوا جي به تصديق ٿي هئي
ڌاڙيلن نديم ملڪ جي بازيابيءَ لاءِ به وارثن کان لکين روپيا ڀنگ گهريو آهي