غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڳوٺ مارک ڀيو ۾ تيز رفتار مزدا گاڏي جي ٽڪر ۾  موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ پهلوان تيغاڻي واسڻ عورت مهناز تيغاڻي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس جو پٽ موسيٰ تيغاڻي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ۽ لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس مزدا گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.