غوثپور(رپورٽ: ظفر ڀيو) غوثپور واسي مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي ڇھين ڏينھن به شھر  ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري شھر جي مندر چوڪ تي مکي سريش لال، ھندو پنچائت سکر ڊويزن جي اڳواڻ ايشيور لال، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي وڪيل اشوڪ جامبا، گوپالداس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 6 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيھاڻي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. ھنن چيو شھر ۾ ڇهه ڏينھن کان شٽربند ھڙتال ۽ احتجاج ڪيو پيو وڃي، ڪنھن جي به ڪن تي جوءَ ڪون ٿي چري، وفد جي ٻه ڀيرا آءِ جي سنڌ سان ملاقات ٿي، کڙ تيل نه نڪتو. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته مغوي بازياب نه ٿيا ته ڊويزن سطح تي  احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۽ تين تلوار تي مغوين جي بازيابي تائين ڪيمپ قائم ڪئي ويندي.