غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو مين انڊس ھاءِ وي تي تنگواڻي اسٽاپ ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي ڳوٺ رئس قالو خان ڀيو واسي عابد ڀيوکي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، لاش گھر پهچڻ تي گهر ڪھرام مچي ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ڳوٺاڻي جي قتل تي علائقي ۾سوڳ پکڙجي ويو آھي.