خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ 12 ڏينهن اڳ مارجي ويل ڪوڙو خان رند جي تڏي تي ناريجا برادري طرفان موڪليل ميڙ منٿ قافلو پهتو، خبر موجب الهه آباد ڪالونيءَ ۾ سب انسپيڪٽر يعقوب ناريجو جي گهر سامھون فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڳوٺ محبوب رند جي رهواسي ڪوڙو خان رند جي تڏي تي ناريجا برادري جو ميڙ منٿ قافلو سماجي اڳواڻ غلام قادر چانڊيو ۽ اڪبر مڪول جي اڳواڻيءَ ۾ پهتو، ان موقعي تي قافلي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جا سور ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، جهيڙي دوران ڪيترائي نوجوان قتل ٿي ويا آهن، مهرباني ڪري خونريزي بند ڪري امن امان ڏانهن وک وڌائي وڃي، ناريجا برادريءَ کان غلط فهمي سبب نوجوان ڪوڙو خان رند قتل ٿي ويو آهي، ڪنهن به چڱي مڙس وٽ فيصلو رکيو وڃي، ان موقعي تي رند قومي اتحاد جي معززن عبدالواحد رند، جاڙو خان رند، محبوب رند، مقتول جي والد خادم رند ۽ ٻين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي جلد فيصلي لاءِ تاريخ رکڻ جو اعلان ڪيو، هنن چيو ته رند برادري هميشه تڏي تي ڪهي ايندڙن کي عزت ڏني آهي، اسان پاڻ ۾ مشاورت ڪري اوھان کي فيصلي جي تاريخ ڏينداسين.