اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 22 ورهين يونيورسٽي جي شاگردياڻي ايمان افروز قتل ڪيس ۾ جوابدار جي سڃاڻپ پريڊ وارو عمل مڪمل ٿي ويو. واقعي واري هنڌ تي موجود مقتولا جي روم ميٽس جوابدار کي سڃاڻي ورتو. عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار جو ٻه ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل ڪئي. پوليس طرفان جوابدار فيروز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار جي سڃاڻپ پريڊ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ مقتولا جي روم ميٽس جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي آهي. پوليس عدالت کان جوابدار جو 7 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. عدالت جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو توهان ڇا ڪيو، جوابدار عدالت ۾ بيان ڏنو ته مون کان غلطي ٿي وئي. عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار جو ٻن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. جوابدار خلاف ٿاڻي رمنا ۾ قتل جو ڪيس داخل آهي. قتل جي واردات کان پوءِ جوابدار جھنگ ۾ روپوش ٿي ويو هو، ٻن مهينن کان پوءِ اُن جي گرفتار عمل ۾ آئي آهي.