ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بورڊ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي هن کي خدشا آهن پر هو ان فيصلي ۾ شامل نه آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ غلطي جي گنجائش نه آهي، هر ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻي پوندي، فخر زمان جو آئوٽ آف فارم هجڻ پريشان ڪندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيم ڏکيائين جو شڪار آهي، ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ هارائڻ کانپوءِ مسئلا پيدا ٿيا، واپس ٽريڪ تي اچڻ لاءِ خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. هن چيو ته عالمي ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کان اڳ ٻئي ميچون تمام گهڻو اهم آهن، جيڪڏهن پاڪستان ٻنهي ميچن ۾ هيٺ مٿي ٿيون ته دٻاءُ واري صورتحال هوندي، هر ٽيم جو پنهنجو طريقيڪار هوندو آهي جيڪڏهن اسڪو ر بورڊ تي  350 اسڪور آهي ته ميچ کٽڻ گهرجي.