پشاور(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير امين گنڊاپور چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان 9 مئي واقعي تي معافي گهرڻ لاءِ تيار آهي پر پهرين غلطي ثابت ڪئي وڃي، آئون هڪ آفيشل پوزيشن تي آهيان منهنجا اسٽبلشمينٽ سان رابطا ٿين ٿا، ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن پر ڪي ٺوس شيون طئي ناهن ٿي سگهيون. باني پي ٽي آءِ سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پنهنجي نظريي تي ڄميل آهي، نظريه قيد نه ٿو ٿي سگهي. اسان باني جي فيصلي جا پابند آهيون، اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪندس جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهيس ته سياست ڇڏي ڏيندس. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت چوي ٿي ته اسان سان ڳالهيون ڪيو، پر اسان چئون ٿا ته توهان ته حڪومت آهيو ئي نه، گنڊاپور وڌيڪ چيو ته جنهن جي غلطي آهي ان کي پنهنجي غلطي مڃڻي پوندي، اسان 9 مئي سانحي جا ذميوار ناهيون. اسان خلاف سازش ڪئي وئي، پهرين غلطي ته ثابت ڪئي وڃي، غلطي توهان جي هجي ۽ چيو وڃي معافي وٺو ائين هرگز نٿو ٿي سگهي.