غلطيون، ڪوتاھيون، اعتراف ۽ سڌارو

0
42
غلطيون، ڪوتاھيون، اعتراف ۽ سڌارو

 انسان لاءِ مشھور آھي ته ھو “غلطين جو گھر” آھي. ھن جو سڌو سنئون مطلب ھي ھوندو آھي ته اسان جيڪا به ۽ ڪابه غلطي جيڪڏھن ڪريون ٿا ته ان ۾ اسان جو ڏوھ بلڪل به ناھي ھوندو يعني انسان جيئن ته غلطين جو گھر آھي، سو ھن کان غلطين جو ٿيڻ ھن جي فطرت ۾ شامل آھي. پر ناسا وارا سائنسدان ائين ڇونه ٿا سوچين ته انسان غلطين جو گھر آھي. گذريل سال جي آگسٽ مھيني ۾ خلا جي سفر تي ويندڙ ٻن خلابازن جو خلائي جھاز جڏھن ڪنھن ٽيڪنيڪي خرابي جو شڪار ٿيو ته ھنن جو اھو سفر جيڪو بنيادي طور تي صرف اٺن ڏينھن تي مشتمل ھو، ٽيڪنيڪي خرابي جي سبب اھو اينگھجي نون مھينن تائين ڦھلجي ويو. ٻئي يڏکيائن کي مُنھن ڏيندا رھيا؛ ايستائين، جيستائين ھنن کي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن (بين اقوامي خلائي گودي) تائين باحفاظت نه پھچايو ويو، تيستائين اھي خلائي جھاز ۾ ڦاٿل ۽ خلا ۾ لٽڪيل رھيا. پر لطيف سرڪار جي بيت وانگي ته: “پاڻھي ايندم ھوت ڪجھ آئون به اڳڀري ٿيان” جي مصداق ناسا جي سائنسدانن ھنن کي زمين تي باحفاظت واپس آڻڻ جي لاءِ پنھنجيون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. آخرڪار انھن ڪوششن رنگ لاتو. تاريخ 18 مارچ، 2025ع واري ڏھاڙي ٻئي خلاباز جن ۾ ھڪ عورت سنيتا وليمز ۽ ھڪ مرد بيري ولمور شامل آھن، خيريت سان زمين تي واپس پھچي ويا آھن. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته مسلسل نوَ مھينا ناسا جي سائنسدانن ھڪ پل جي لاءِ به ھن افسوس جو اظھار نه ڪيو ته اسان کان ڪا غلطي ٿي وئي آھي يا انسان غلطين جو گھر آھي. ناسا ٽيسلا جي مالڪ ايلون مُسڪ سان گڏجي ڦاٿل ٻنھي خلابازن کي واپس زمين تي خيريت سان آڻڻ جا منصوبا جوڙڻ شروع ڪيا، واپس آڻڻ جي ڪيترن ئي طريقيڪارن (آپشنز) تي ڪم ڪيو ويو ۽ ھو سڀ ان ۾ ڪامياب به ٿي ويا. “خلائي اڏام خطرن سان ڀريل مِشن (مقصدِ خاص) ھوندو آھي، ڇو ته ھن جو سڀ وڌيڪ محفوظ ۽ معمول جو سفر به پنھنجي آزمائشي اڏام دوران فطرتن غير محفوظ ۽ غير معمولي ھوندو آھي”. ھي آھن اھي لفظ جيڪي ناسا جي ھڪ ايڊمنسٽريٽر پاران ان وقت اچاريا ويا، جڏھن ھن کان ڦاٿل خلابازن کي باحفاظت طريقي سان زمين تي واپس آڻڻ جي باري ۾ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وئي. زندگي امتحانن، آزمائشن ۽ ڏکن سکن جو نالو ضرور آھي پر پنھنجين ڪوتاھين کان منھن موڙڻ ۽ غلطين کي جواز بخشڻ ڪنھن به صورت ۾، نه صحيح عمل آھي، نه وري صحيح رويو آھي.

بلوچستان ۾، جعفر ايڪسپريس واري واقعي کان اڳ به ساڳي قسم جون اعليٰ سطحي گڏجاڻيون (ان ڪيمرا اجلاس) ڪيون ويون آھن، جھڙي طرح سان ذڪر ھيٺ واقعي کانپوءِ ھڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۽ ان ڪيمرا اجلاس ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ پنھنجين سياسي ڪوتاھين جو ڇيد ڪرڻ جي بدلي ۽ پنھنجي منصبي ۽ اداراجاتي ذميدارين جي پرک ڪرڻ جي عيوض حسبِ معمول ھن واقعي کي به غيرملڪي ايجنسين جي ڪارستاني تصور ڪيو ويو آھي. ھن ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھڪٻئي جا دشمن ملڪ ھڪٻئي جي عوام مان ئي اھڙا مايوس عنصر ڳولي انھن کي استعمال ڪندا رھندا آھن، ڇاڪاڻ جو اھي ٻئي ھڪٻئي کي ڪنھن به صورت ۾ مستحڪم حالتن ۾ ڏسڻ ناھن پسند ڪندا پر جيڪڏھن پنھنجين ڪوتاھين ۽ آئيني ذميدارين تي نظر ڦيرائي وڃي ته سٺ ستر سيڪڙو ڏوھ پنھنجو ئي نظر ايندو پر اسان ھن ڳالھ کي مڃڻ جي لاءِ تيار ناھيون ھوندا. ھي آھن اسان جا اھي “عمومي رويا ۽ خصوصي ورتاءَ” جيڪي اسان کي پنھنجو پاڻ کان پڇاڻو ڪرڻ کان سدائين نابري واريون بيٺا ھوندا آھن. ڪنھن ڏاھي جو قول آھي ته: “غلطين جو اعتراف شين (ڪمن) کي خوبصورت بڻائيندو آھي”، يعني اعتراف ڪرڻ بعد اسان صحيح ڪم ڪرڻ شروع ڪندا آھيون. پر ھت ھن ڳالھ جو اقرار به ڪرڻ گھرجي ته اسان جو نصاب به ڪجھ اھڙي قسم جو بڻايو ويو آھي ته دنيا ۾ بھترين نسل به اسان آھيون، وڌ ۾ وڌ ايماندار ۽ سچ ڳالھائيندڙ به اسان ئي آھيون، دنيا ۾ جيڪڏھن ڪا اتم مخلوق رھي ٿي ته اھا به خير سان اسان ئي آھيون. مطلب اسان کانسواءِ دنيا ۾ ھر پاسي انڌ ئي انڌ آھي. افسوس! ان انڌ جي انجامن کي پاڪستان جي اشرافيا به ڀوڳي رھي آھي جو ھن کي حالتن جو صحيح طرح سان ادراڪ ڪرڻ ئي نٿو اچي. ساڳي انڌ جي نتيجن جي اثرن سان اسان جو اٻوجھ عوام به جھيڙي رھيو آھي جو ھن کي ھي خبر ئي ڪانه ٿي پوي تي ھن سان ڪھڙي سياسي پارٽي سچي ۽ ڪھڙو رھنما وفادار آھي. عام موالي ۽ بيوس ماڻھو جڏھن قانوني ۽ اخلاقي پڪڙ ۾ ايندو آھي ته پنھنجين غلطين جو اعتراف ڪرڻ ۾ دير ناھي ڪندو پر حڪمراني ھن دنيا جو ھڪ اھڙو ته غضب ۽ عجب قسم جو نشو آھي، جنھن ۾ ھزارين ڪھاڻيون اھڙيون سرجي وڃن ٿيون، جن ۾ عام خلق سان ويڌنن جو ذڪرِ خاص و عام ھوندو آھي پر اسان جا حڪمران، حڪمراني جي ان نشي ۾ ايترا ته غرق ھوندا آھن جو عوام سان ويڌنن جو اقرار ته پري رھيو، خالي اعتراف ڪرڻ کي به پنھنجيون سياسي ناڪاميون تصور ڪندا آھن.

توھان ۽ اسان اڪثر پنھنجي گھرن ۾؛ ۽ دفترن اندر به ھڪ اھڙي مخلوق سان منھن ڏئي رھيا ھوندا آھيون، جيڪا حد درجي جي غير ذميوار ۽ لاپرواھ ھوندي آھي. مثال جيڪڏھن گھرن جي ڳالھ ڪجي ٿي ته، اسان جا اھڙا ڀاتي ۽ ٻار جيڪا شئي جتان کڻندا، استعمال بعد مجال آھي جو واپس ساڳي جاءِ تي رکن. جيئن ڪو ڀاتي پاڻي پيئڻ جي لاءِ گلاس کڻندو آھي ته پاڻي پيئڻ بعد گلاس کي اھڙي ھنڌ اڇلائي ڇڏيندو جو پوءِ وتو ڳوليندا ته گلاس ڪٿي گم آھي. وھنجڻ بعد استعمال ٿيندڙ شيون جھڙوڪ بالٽي يا صندلي وغيرھ وھنجڻ جاءِ ۾ ئي ڇڏڻ کي پنھنجو مان تصور ڪيو وڃي ٿو. بعد ۾ ٻارن جا ماءُ پيءُ اھي شيون وتن سنڀاليندا، خاص طور تي گڏيل خاندانن ۾ پنھنجي ٻارن تي ڍڪ رکڻ خاطر ماءُ پيءُ اھڙين اذيتن مان اڪثر گذرندو رھندو آھي ته متان ڪٿي ڪو گھر ڀاتي يا گھر وڏو ٻارن کي گھٽ وڌ ڳالھائي. وري جڏھن دفترن جو ذڪرِ خير ڪجي ٿو ته توھان کي ھي ڄاڻي حيرت ته ضرور ٿيندي ته حاضري واري رجسٽر تي صحي ڪرڻ جي لاءِ به عملي جي ڪيترن فردن وٽ پين به ناھي ھوندي ۽ جڏھن ھنن جي ضرورت پوري ڪئي ويندي آھي ته پوءِ توھان کي پين تان ھٿ کڻڻو ئي پوندو آھي، ڇاڪاڻ جو اڌاري طور ورتل اھا پين يا ڪا ٻي دفتري شئي اسان وٽ واپس ڪرڻ جو رواج ئي ناھي. ھن ۽ اھڙي قسم جا اسان جا گڏيل رويا ۽ ورتاءُ اسان جي معاشري ۾ عام جام پاتا وڃن ٿا جيڪي بظاھر ته غير محسوس نظر اچن ٿا يعني اسان پنھنجن يا گڏ ڪم ڪندڙ فردن جي ھنن روين ۽ ورتائن جو ڪو نوٽيس نٿا وٺون. نتيجي طور شيون سڌرڻ بجاءِ اتي جو اتي ئي موجود رھن ٿيون ۽، جيڪڏھن حقيقت حال ڪجي ٿي ته اسان جي ترقي وارو سفر اڳتي وڌڻ جي بدلي پٺتي ڌڪبو رھي ٿو، جنھن جو نقصان گھر، دفتر، شھر ۽ ملڪ کي ٿيندو رھي ٿو پر ان سڀ جي باوجود اسان ڪڏھن به پنھنجين غلطين جو اعتراف نٿا ڪريون يا ڪرڻ کان ڪيٻايون ٿا، انھيءَ ڪري ته متان خلق کلي. دنيا برو ڀلو چوي ۽ اسان جڳ کي منھن ڏيکارڻ جي قابل نه بڻجون. غلطين جو اعتراف ڪرڻ سڌاري ڏانھن کڄندڙ اھا پھرين وک آھي جنھن جو زندھ مثال خلا ۾ ڦاٿل ناسا جا اھي خلاباز آھن، جيڪو زمين تي واپسي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو ۽ غلطين جو اعتراف نه ڪرڻ جو انجام ھي آھي ته ستھتر سال گذارڻ جي باوجود اسان اتي جو اتي بيٺا آهيون. اسان جا گھر ھجن يا دفتر يا حڪومتي ايوان، نه غلطين جو اعتراف ڪن ٿا، نه وقت پٽاندڙ تبديلين کي پسند ڪن ٿا ۽ نه وري اسان جي روين ۾ ڪا ھاڪاري تبديلي اچي ٿي. ھي آھن اسان جا عمومي رويا ۽ خصوصي ورتاءَ، جن کي جيڪڏھن اسان تبديل نه ڪيو ته: اسان ته ڀوڳي رھيا آھيون پر پڪ ڪري ڇڏيو ته اسان جو ايندڙ نسل به ڀوڳيندو.