لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ميچ دوران ڀارتي ترانو هلڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کان وضاحت طلب ڪري ورتي. ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ تراني واري پلي لسٽ آءِ سي سي تيار ڪئي هئي ۽ ڀارت جي پاڪستان ۾ نه هئڻ باوجود به آءِ سي سي طرفان پلي لسٽ ۾ ڀارتي ترانو رکيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ميچ دوران ترانو هلائڻ آءِ سي سي جي ذميواري هئي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي تي وضاحت لاءِ آءِ سي سي سان رابطو ڪيو آهي. پي سي بي آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته نه رڳو پاڪستان پر هر ڪنهن کي ان غلطي تي وضاحت ڏني وڃي، ڇو ته ٽورنامينٽ جي ذميواري مڪمل طور آءِ سي سي تي لاڳو ٿئي ٿي.
واضح رهي ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ميچ کان اڳ آسٽريليا جي قومي تراني بدران ڀارتي ترانو هلايو ويو هو.