پٿورو: پٿوري تعقلي جي مين شهرن غلام نبي شاهه ۽ شادي پلي ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن ڪيترن ئي سالن کان غلام نبي شاهه ۽ شادي پلي ۾ ٺهندر رورل هيلٿ سينٽرن جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي، اسپتالن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري عوام علاج لاءِ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.