غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان بلوچ ميهڙ ضلعي دادو ۾ 30 سيپٽمبر 1920ع تي پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم مڪتب مان ورتائين، ظاهري طور ته هن وٽ ڪي تعليمي ڊگريون نه هيون پر سندس تعليم ۽ تربيت ۽ ذاتي مطالعو ۽ مشاهدو وسيع رهيو، سنڌ جي وڏن عالمن، اڪابرن سان هن جو اُٿڻ ويهڻ هو. خدا پاڪ کيس لکڻ جو اهڙو ته ڏانءُ ڏنو جو گراميءَ جو بيانِ انداز گهڻو مقبول ٿيو ۽ انفراديت سبب سندس ليک پڙهڻ مهل ئي هر هڪ سمجهي ويندو هو ته، هِي مولانا جي قلم مان نڪتل تحرير آهي، تڏهن ئي پير علي محمد راشدي چيو ته، “جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي”.
مولانا جون لکڻيون برجستگيءَ سان گڏ اسلوب ۽ حسين تشبيهه ۽ پخته ترڪيبن جو هڪ مثال هيون، پاڻ حيدرآباد سان وابسته رهيو ۽ هتي ئي جامعه عربيه ۾ اُستاد مقرر ٿيو، کيس فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ تي عبور حاصل هو. صحافت ۽ ادب جي خدمت ڪندي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائين، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. هلال پاڪستان ڪراچي ۽ عبرت اخبار جو مستقل ڪالم نويس هو. هو آزاد منش صحافي هئڻ سان گڏ پرجوش شخص هو. ادب، تاريخ، فلسفي، مذهب سان گڏ کيس سياست سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري هر دور ۾ ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ خلاف آواز اُٿاريندو رهيو.
شخصي طور تي دلچسپ ڪچهري ڪندڙ، مجلس جو مور ۽ ڏاهو ماڻهو هو. غريب هوندي به سڄي عمر شانائتي نموني سان گذاريائين، علم سان محبت ۽ عالمن جي سنگت اختيار ڪيائين، غلام رباني آگري ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا” ۾ سندس باري ۾ لکي ٿو ته،
“گرامي سڄي عمر بي انتها مسڪينيءَ ۾ رهيو، کيس ڪڏهن به اها سگهه ڪانه ٿي سگهي، جو پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن رکڻ لاءِ ڪي چڱا ڪٻاٽ خريد ڪري سگهي، ڀتين تي ڪوڪا هڻائي ڪاٺ جا تختا رکي، انهن جي مٿان ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ڍڳ ڪندو ويندو هو” .
اڳيان اهو به لکيو اٿس ته، “صحيح معنيٰ ۾ مسڪين ماڻهو هو ۽ مسڪين حاليءَ ۾ پوري حياتي گذاريائين پر ته به هُو خوددار هو، ڪنهن جي ڪاڻ ڪڏهن نه ڪڍيائين”. مولانا گراميءَ پنهنجون خدمتون 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪيون، سندس وڏو ڪارنامو، ٽه ماهي مهراڻ جو شاعر نمبر ڪڍڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي معروف ۽ غير معروف شاعرن جي سوانح سان گڏ سندن چونڊ ڪلام آهي، پاڻ هن نظم، آزاد نظم، غزل ۽ ٻين صنفن ۾ شاعري ڪئي. سندس ڪارنامن ۾ “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر” آزاد شاعريءَ جي فائدي ۾ مقالو پڻ شامل آهي، ان کانسواءِ شيخ اياز جي ڪتابن تي پيل بندش بابت 300 صفحن جو تاريخي ڪتاب لکيائين.
مولانا جي ترتيب ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن ۾، “تاريخي افسانا ۽ ڊراما”، “قائدِ اعظم جون تقريرون”، “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر”، “وياسي وينجهار”، “ديوانِ بلبل”، “مسلمان ۽ تعليم”، “جامِ جم”، “مزاحيات” ۽ ٻيا آهن. وياسي وينجهار، مهراڻ رسالي ۾ لکيل تعزيتي ڪالمن، “آديسي اٿي ويا مڙهيون مرڻ مارين”، جو مجموعو آهي، اهي ڪالم گرامي صاحب سنڌ جي اهلِ قلم، دانشورن، شاعرن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن جي وفات تي وفات ناما لکيا، جيڪي سيد بچل شاهه سهيڙي 1977ع ۾ ادبي بورڊ طرفان ڇپرايا، جن شخصيتن جي باري ۾ وفات ناما لکيل آهن، انهن ۾ چند نالا هن ريت آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪشنچند بيوس، مولانا دين محمد وفائي، غلام محمد شاهواڻي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، شمس العلماء دائود پوٽو، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، علي خان ابڙو، الهبچايو يار محمد سمون، آغا تاج محمد، لالچند امر ڏنو، عطا حسين شاهه موسوي، مير غلام علي ٽالپر، سيد عطاءَ الله شاهه بخاري، عبدالمجيد سالڪ، گل نصرپوري، پروفيسر احسان بدوي، نعمت الله قريشي آءِ آءِ قاضي، مخدوم امير احمد، عثمان علي انصاري ۽ ٻيا ڪيترا مشهور، مدير، صحافي، طبيب، اديب ۽ سياسي شخص جن جي وفات تي هن اهي ڪالم لکيا، جن ۾ انهن فردن جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ عقيدت ظاهر ٿيئي ٿي، لکڻ جو اسلوب بلڪل جداگانه ۽ نئين نوع جو هو، جنهن جي ڪري سندن اهي لکڻيون سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مقبول ۽ معروف ٿيون، هن ڪتاب جي ٻولي سليس، سيبائتي ۽ عام فهم آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي سُهڻيون چوڻيون، قول ۽ موقعي مطابق موزون شعر پيش ڪيل آهن، فقير غلام علي “مسرور” لاءِ لکي ٿو ته، “1918ع کانپوءِ مٿس سماع ٻڌڻ ڪري جذب جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي، ان جذب ۽ استغراق منجهس سوز ۽ درد پيدا ڪيو ۽ سندس شاعرانه ساز ئي مضطراب جو ڪم ڪيو، آخري زندگيءَ ۾ ئي سنڌي صوفين جي پيروي ڪري هڪ صوفياڻو اوتارو بنايائين، جتي موسيقي ۽ سماع جي مجلسن کان سرور حاصل ڪندو هو” (ص:18).
لالچند امر ڏنل مل جي وفات تي گرامي صاحب لکيو، “سنڌ جو مشهور اهِل قلم، پخته فنڪار، سليس سُهڻي زبان لکندڙ ظرافت آميز عبارت جو صاحب ۽ گهرو نقش چٽيندڙ، خاص اسلوب و اسٽائيل جو موجد لالچند امر ڏنو مل جڳيتاڻي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ وڇوڙو ڏيئي 18 اپريل 1954ع تي وڃي آنجهاني ٿيو.
گرامي صاحب جي لکڻين کي گڏي، “گرامي جون لکڻيون” جي عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ تقريرون، مقالا، مضمون، مقدما، تبصرا، تعزيت ناما، خط، گذارشون ۽ ٻيو ڪم شامل آهي. گرامي صاحب ون يونٽ خلاف وڏيون تقريرون ڪيون، اشاعتي ادارن جو ميمبر هو ته ادبي تنظيمن جو سرگرم اديب هو. هن ڪيترائي شاعر ۽ اديب متعارف ڪرايا. طارق اشرف، حميد سنڌي، نسيم کرل، آغا سليم، تنوير عباسي، امداد حسيني، استاد بخاري ۽ ٻيا آهن، سندس حق گو، بي ڊپي ۽ خوش مزاح طبع سبب چوگرد اديبن ۽ شاعرن جا ميڙا هوندا هئا.
شمس الدين بلبل جي ڪتاب “جامِ جم” ۾ 76 صفحن جو طويل مقدمو گرامي صاحب پاران لکيل پڙهڻ وٽان آهي، سڄي جامِ جم جو تت انهيءَ مقدمي ۾ ڏنو اٿس، لکي ٿو ته، “جامِ جم ۾ اڄ کان 50 سال اڳ جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، هي مقدمو ان جي تشريح آهي ۽ ان جي مندرجات جي تڪميل به آهي” (3)
هن عالم، اديب ۽ شاعريءَ جي پارکو 15 سيپٽمبر 1976ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، سندن تربت غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار جي ڀر ۾ آهي.
“توکي مهراڻ ٿي ساري، او گرامي صاحب!
تون وئين جنهن کي سنواري، او گرامي صاحب!
توجا تحرير جي تنوير ڇڏي آ پٺتي،
سا وئي موت کي ماري، او گرامي صاحب!
(استاد بخاري)