ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ورڪس کاتو 15 سالن ۾3 ارب 40 ڪروڙ خرچ ڪرڻ باوجود غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج رٿا مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام، سنڌ حڪومت کي وڌيڪ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي سفارش، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ورڪس سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ ڪري هڪ مهيني اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي اي سي جي  اجلاس ۾ ورڪس کاتي جي سال 2023ع ۽ 2024ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ورڪس کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي اي ڊي پي اسڪيم ڪڏهن شروع ٿي؟ انهي  تي ڪيترا پئسا خرچ ٿيا؟  اڃ تائين ڪاليج جو اڪيڊمڪ بلاڪ ڇو ناهي ٺهيو ؟ جنهن تي ورڪس کاتي جي ايڪسين ٻڌايو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي اسڪيم 2012ع ۾ 3 ارب 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان شروع ٿي، 2018ع ۾ انهي کي 4 ارب 12 ڪروڙ رپين تائين روائيز ڪيو ويو. رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي فنڊنگ جي ضرورت آهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين چيو ته لاءِ 3 ارب 40 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيڻ باوجود 15 سالن کان ڪاليج جو اڪيڊمڪ بلاڪ نه ٺاهيو اٿئو ؟ اِهو سڄو منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟، هن چيو ته اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود ميڊيڪل ڪاليج جي تعمير جو منصوبو مڪمل نه ڪرڻ آفيسرن جي غفلت جي ذمري ۾ اچي ٿو، اسان کي هر حال ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي تعمير جو منصوبو مڪمل گهرجي. رٿا ۾ دير جي  جاچ ڪري  ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. ورڪس کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو  چيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي تعمير وارو منصوبو فنڊنگ يا آفيسرن جي غفلت سبب دير جو شڪار ٿيو آهي، ا نهي بابت جاچ ڪري رپورٽ پي اي سيءَ کي پيش ڪئي ويندي، غفلت ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

شڪارپور: اڍائي ڪروڙ ايڊوانس ادائگي ڪندڙ  ايڪسين ۽ ايس ڊي او معطل

ڪراچي: شڪارپور ۾7 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير واري منصوبي جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ٺيڪيدار کي اڍائي  ڪروڙ جاري، رقم جاري ڪندڙ تڏهوڪي ايڪسين ۽ ايس ڊي او کي معطل ڪرڻ جو حڪم، ان حوالي سان ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سال 2021ع ۾ شڪارپور جي جيل چورنگي روڊ کان ملير چوڪ تائين 7 ڪلوميٽرتائين روڊ جو  مرمتي  ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٺيڪيدار عبدالحميد بنگلاڻي کي اڍائي ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ تي تڏهوڪي ايڪسين ۽ اسٽنٽ انجنيئر کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پي اي سي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندڙ ايڪسين مشنري ڊويزن خيرپور، ايڪسين بلڊنگز سکر ۽ ايڪسين  بلڊنگز لاڙڪاڻي خلاف ورڪس کاتي جي سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

لوھه جو واڌو استعمال ڄاڻائي ساڍا 11 ڪروڙن جي  اضافي رقم جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج رٿا ۾ لوھه جو واڌو استعمال ڄاڻائي 11 ڪروڙ 60 لک رپيا اضافي رقم جاري ٿيڻ جو معاملو به سامهون آيو، ڪالهه  پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي تعمير ۾ ٺيڪيدار پاران اضافي لوھه استعمال ڪرڻ تي وڌيڪ رقم جي گھُر ڪئي وئي، جنهن تي لاڳاپيل اختيارين کيس 11 ڪروڙ 60 لک رپيا اضافي جاري ڪيا.